تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جو شو نواز ليگ جي سياسي ضرورت آهي

Shah-Mehmood-Qureshi-101216

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جو شو نواز ليگ جي سياسي ضرورت آهي، زنده رهڻ لاءِ ريلي ڪڍي پئي وڃي، شهيد محترمه آمريت خلاف نڪتي هئي، پر نوازشريف ٻڌائي ته هو ڪنهن جي خلاف ريلي ڪڍي رهيو آهي.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته نواز ليگ پاڻ کي سياسي طور زنده رکڻ لاءِ اڄ ريلي ڪڍي رهي آهي.

هن چيو ته اڄ جي روڊ شو کي شهيد بينظير ڀٽو سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي.شهيد محترمه آمريت خلاف ريلي ڪڍي هئي. نوازشريف ٻڌائي ته ڪنهن جي خلاف ريلي ڪڍي رهيو آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته نواز ليگ ضرور جلسا جلوس ڪڍي پر سرڪاري وسيلا استعمال نه ڪري.

تحريڪ انصاف چيو ته پنجاب حڪومت ريلي جي لاءِ وسيلا استعمال ڪري رهي آهي.

هن چيو ته حڪمران اسان تي ڪنٽينر جي سياست ڪرڻ جو الزام لڳائيندا هئا پر هاڻ اهي پاڻ ڪنٽينر تي سوار آهن.

شاهه محمود قريشي چيو ته نوازشريف چيو هو ته هو سپريم ڪورٽ جو احترام ڪري ٿو، جيڪو به فيصلو آيو، ان کي قبول ڪيو ويندو، پوءِ هاڻ ان واويلا ڇو پئي ڪئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*