محرابپور ۾ ڪوٻري شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻيءَ کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

mehrabpurmap02-9

محرابپور ۾ ڪوٻري شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻيءَ کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

حاجي عبدالرحمٰن ميمڻ، خان محمد باسڻ ۽ بشير آرائين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري محرابپور ٺري روڊ تي نٽهڻ اس تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته آبپاشي عملدار رشوت وٺڻ لاءِ ڪوٻري شاخ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪئي آهي، جنهن سان اسان جو فصل سڪي  سڙي رهيو آهي.

هنن چيو ته آبپاشي عملدارن غيرقانوني نولين ۽ دڪن ذريعي بااثرن کي پاڻي وڪرو ڪري پڇڙي جي سوين آبادگارن کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي.                                                                                                                                  هنن مطالبو ڪيو ته ڪوٻري شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪري پڇڙي ۾ پاڻي فراهم ڪري آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*