سکر بئراج مان نڪرندڙ ٽنهي ڪئنالن جي ڪپن تان آباديون هٽائڻ لاءِ انتظاميه ٻيهر آپريشن ڪري 50 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن

sukkkur dadu

سکر بئراج مان نڪرندڙ ٽنهي ڪئنالن جي ڪپن تان آباديون هٽائڻ لاءِ انتظاميه ٻيهر آپريشن ڪري 50 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن.

اسسٽنٽ ڪمشنر يوسف شيخ جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ ملازمن دادو ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال جي ڪپن تان آباديون هٽائڻ لاءِ ڪرين مشين ذريعي آپريشن ڪري 50  گهر ڊاهي ڇڏيا آهن.

اسسٽنٽ ڪمشنر يوسف شيخ چيو ته عدالتي حڪم تحت دادو، رائيس ۽ کيرٿر ڪئنالن تان حددخليون هٽايون پيون وڃن.

واضع رهي ڪجهه ڏينهن انتظاميه پاران ڪئنالن تان حددخيلون هٽائڻ دوران متاثرن سخت احتجاج ڪيو ، جنهن کان پوءِ انتظاميه آپريشن بند ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*