ميهڙ ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻارڙي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

meher

ميهڙ ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻارڙي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

گاجي کهاوڙ روڊ تي ڳوٺ لونگ تنيو لاڙي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسمات ڪلثوم سولنگي، محمد ايوب ۽  همٿ ساسولي فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ وحيد الله ساسولي ۽ هڪ ٻارڙي زخمي ٿي پيا، جن کي ميهڙ اسپتال نيو ويو.

پوليس فوت ٿي ويل ٽنهي ڄڻن جا لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*