قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نوازشريف کي چيو هو ته طاقت بدران پاليامينٽ تي ڀروسو ڪري

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته  نوازشريف کي چيو هو ته طاقت بدران پاليامينٽ تي ڀروسو ڪري، نوازشريف کي عدالت نااهل قرار ڏئي چڪي آهي، رڳو پيپلزپارٽي ئي عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته قطري خط ميان صاحب کي نقصان پهچايو، هاڻ هو ان ٽاري کي وڍي رهيو آهي، جنهن تي ويٺو آهي.

خورشِيد شاهه چيو ته ڪرسي وڃڻ بعد ماڻهو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيندو آهي، ريلي ڪڍڻ هر سياسي جماعت کي زنده رهڻ لاءِ سرگرمين حق آهي.

خورشيد شاهه چيو ته هن بار بار چيو ته ميان صاحب ڪرسي جي طاقت بدران پارليامنٽ جي طاقت تي ڀروسو ڪريو، اڄ کيس شهيد ڀٽُي جو فلسو سمجهه ۾ آيو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي.

هن چيو ته جڏهن ڪرسي ملندي آهي ته ميان صاحب سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهي، هن عوام جي راءِ ۽ سوچ سمجهڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته ريلي ۾ خطرا ته هوندا آهن پر سياستدانن کي عوام ۾ وڃڻ جو رسڪ کڻڻو پوندو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته اسان اليڪشن جي تياري ڪري رهيا آهيون ان حوالي سان ڪي پي ۾ جلسو به ڪيو ويندو.

هن چيو ته رڳو پيپلزپارٽي  اهڙي جماعت آهي جيڪا ملڪي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*