عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيخ چيو آهي ته نوازشريف جي ريلي ۾ اڳواڻن کانسواءِ ڪنهن ٻي ماڻهو شرڪت نه ڪئي آهي

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيخ چيو آهي ته نوازشريف جي ريلي ۾ اڳواڻن کانسواءِ ڪنهن ٻي ماڻهو شرڪت نه ڪئي آهي، ماڻهو گهٽ هجڻ سبب راڻا ثناءَ الله سي پي او تي ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو آهي.

نوازشريف جي ريلي تي تبصرو ڪندي شيخ رشيد چيو ته نوازشريف جي ريلي ۾ اڳواڻن کانسواءِ ڪنهن ٻي ماڻهو شرڪت نه ڪئي، 10 کان 12 هزار ماڻهو ته مان گڏ ڪري سگهان ٿو.

هن چيو ته ماڻهو گهٽ هجڻ سبب راڻا ثناءَ الله سي پي او تي ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو آهي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيوته پيسن جو استعمال ڪري ماڻهن کي اسلام آباد پهچايو ويو، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به پيسن جو استعمال ڪيو ويو.

شيخ رشيد چيو ته نوازشريف تمام وڏي رسڪ کنئي، ڇاڪاڻ  ته هو سمجهي پيو ته ريلي ۾ تمام گهڻا ماڻهو ايندا.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته ريلي ۾ ماڻهن جو انگ ايترو آهي جو  گاڏي شام تائين لاهور پهچي سگهي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*