پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن ميان صاحب هڪ صدر کي ڪڍيو ۽ هڪ چيف جسٽس کي گهر موڪليو هو

qamar zaman qaira

پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن ميان صاحب هڪ صدر کي ڪڍيو ۽ هڪ چيف جسٽس کي گهر موڪليو هو، اهو اڄ عدالت جي فيصلي کي سازش قرار ڏئي رهيو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته نوازشريف ڪنٽينر ڪنٽينر چوندو هو، اڄ پاڻ ڪنٽينر تي چڙهي ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب 2 کان 3 هزار ماڻهو ريلي ۾ موجود آهن.

قمرزمان چيو ته ميان صاحب پنهنجي خلاف هلندڙ ڪيسن سبب نيب تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو، نوازشريف چئي ٿو ته سازش ٿي رهي آهي، کيس ٻڌائڻ گهرجي ته آخر سازش ڪير ڪري رهيو آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته ميان صاحب عمران خان خلاف عدالت ويو ۽ عمران خان نوازشريف جي خلاف عدالت ويو، هاڻ ميان صاحب کي قوم آڏو پنهنجي غلطين تي معافي گهرڻ گهرجي.

هن چيو ته ميان صاحب، اوهان پارليامنٽ ۾ قانون سازي نه ڪئي ته ان جا ذميوار اوهان پاڻ آهيو.

قمر زمان ڪائره چيو پيپلزپارٽي هميشه جمهوريت جي بقا ۽ بحالي لاءِ ڪوششون ڪندي رهي آهي ۽ اڳتي به ڪندي رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*