پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته منافقت ۽ الزامن واري سياست دم ٽوڙي چڪي آهي

Shahbaz-sharif-Punjab-1817

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته منافقت ۽ الزامن واري سياست دم ٽوڙي چڪي آهي، عوام نوازشريف سان اڳ به گڏ هئي ۽ هاڻ به گڏ آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته عوام تبديلي جي دعويدارن جو اصل چهرو ڏسي ورتو آهي.

هن چيو ته نيازي صاحب ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي، منافقت ۽ الزامن واري سياست دم ٽوڙي چڪي آهي.

هن چيو ته نوازشريف عوام دوست قدمن سبب عوام جي دلين ۾ رهي ٿو، ڌرڻو هڻندڙ پارٽي ۽ ڪرپٽ ماڻهو نوازشريف جي مقبوليت کان خوفزده آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*