پنجاب ۾ برساتن بعد سنڌو درياهه ۾ پاڻي وهڪرن ۾ چاڙهه برقرار آهي، ڪنڌڪوٽ ويجهو حساس قرار ڏنل اولڊ ٽوڙي بند تي سڪيورٽي خدشن سبب پورهيتن ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي

khandkot bnd

پنجاب ۾ برساتن بعد سنڌو درياهه ۾ پاڻي وهڪرن ۾ چاڙهه برقرار آهي، ڪنڌڪوٽ ويجهو حساس قرار ڏنل اولڊ ٽوڙي بند تي سڪيورٽي خدشن سبب پورهيتن ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ درياهه ۾ چاڙهه کانپوءِ آبپاشي کاتي پاران گڊو بئراج کانپوءِ سکر بئراج تي به وچين ٻوڏ ڊڪلئير ڪئي وئي آهي.

گڊو بيئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 4 لک 59 ھزار 811 ڪيوسڪ  ۽ ھيٺانھون وھڪرو 4 لک 28 ھزار 640 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آھي.

سکر بئراج وٽ آبپاشي کاتي وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آھي، جتي پاڻي جو مٿانھون وھڪرو3 لک 380 ھزار 312 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 22 ھزار 557 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو1لک 28 ھزار 968 ڪيوسڪ جڏهن ته ھيٺانھون وھڪرو 88 ھزار 828 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪري ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آھي.

 ڪنڌڪوٽ ڀرسان سنڌو درياءَ ۾ چاڙه بعد حساس قرار ڏنل اولڊ ٽوڙي بند تي پاڻي دٻاءُ وڌي ويو آهي.

 حساس بند تي ڀتو نه ڏيڻ تي فائرنگ جي واقعن سبب ۽  سيڪيورٽي نه ملڻ ڪري عملي ۽ پورهيتن ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي.

ڊي سي منور مٺياڻي ايس ايس پي سميع الله سومرو ۽ رينجرس عملدار انتهائي حساس قرار ڏنل اولڊ ٽوڙي بند تي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي آبپاشي عملدارن آفيسرن کي ٻڌايو ته هٿيار بندن پاران فائرنگ سبب ڪم بند ڪيو ويو آهي، کين پوليس سان گڏ رينجرس جي به سڪيورٽي ڏني وڃي.

ڊي سي ڪنڌڪوٽ جو چوڻ هو ته اولڊ ٽوڙي بند هڪ ميل وارو حصو انتهائي حساس آهي، جنهن تي پاڻي جو دٻاءُ آهي، عملي کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*