سکر پوليس صالح پٽ مان اغوا ٿيل نينگر کي راولپنڊي مان بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

sukkur maqsood bangash

سکر پوليس صالح پٽ مان اغوا ٿيل نينگر کي راولپنڊي مان بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي مسعود بنگش پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صالح پٽ مان نينگر کي پنهنجي واقفيت وارن ماڻهن اغوا ڪيو ۽ وارثن کان 10 لک رپيا ڀنگ گهريو هو.

هن چيو ته پوليس ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي پنجن ڏينهن اندر ڪارروائي ڪري نينگر کي راولپنڊي مان بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

هڪ سوال جي جواب ۾ مسعود بنگش چيو ته شهر ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرا لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*