ڪي اين شاهه ويجهو پجارو گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ڳڙهي خيرو واسي 3ڄڻا فوت ٿي ويا، 3ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

kn shah hadso

ڪي اين شاهه ويجهو پجارو گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ڳڙهي خيرو واسي  3ڄڻا فوت ٿي ويا، 3ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

انڊس هاءِ وي تي ڳوٺ فقير داد برهماڻي ڀرسان گاڏي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾  ميرداد لوهر، عبدالڪريم ۽ غلام قادر لوهر فوت ٿي ويا، قمبرعلي لاشاري، بشير احمد ۽ امجد علي زخمي ٿي پيا.

ڪَڪڙ پوليس زخمين کي فوري طور دادو سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.

لاش ڪي اين شاهه تعلقي اسپتال پهچايا ويا، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد ڳڙهي خيرو نيا ويا.

ڪڪڙ پوليس جو چوڻ آهي ته ڳڙهي خيرو  واسي  گورک هل اسٽيشن وڃي رهيا هئا ته سندن گاڏي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*