ڪراچيءَ جي انٽر بورڊ جي انتظاميا پاران سالياني امتحان جا نتيجا جلد پڌرا ڪرڻ لاءِ

bise karachi 12th

ڪراچيءَ جي انٽر بورڊ جي انتظاميا پاران سالياني امتحان جا نتيجا جلد پڌرا ڪرڻ لاءِ  اختيار ڪيل طريقي شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ڪراچي بورڊ جي چيئرمين ۽ وقتي ڪنٽرولر سالياني امتحانن جي پيپرز جي چڪاس وارو موجود طريقو ختم ڪندي استادن کي گهر ۾ پرچا چيڪ ڪرڻ لاءِ ڏئي ڇڏيا آهن.

ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين رٽائرڊ پروفيسر انعام ۽ وقتي ڪنٽرولر جعفر انٽر جي امتحانن جا نتيجا جلد تيار ڪرڻ لاءِ امتحاني پرچن جي بورڊ آفيس ۾ چڪاس ڪرڻ وارو طريقو ختم ڪندي استادن کي گهرن ۾ پيپرز چڪاس ڪرڻ لاءِ ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن سبب امتحان ڏيندڙ شاگردن ۽ سندن عزيزن ۾ تاءُ پکڙيل آهي.

ماضيءَ ۾ امتحاني پرچا گهرن ۾ چيڪ ٿيڻ سبب شاگردن جي سخت احتجاج بعد بورڊ آفيس ۾ امتحاني پرچا چيڪ ڪرڻ جو سلسلو اختيار ڪيو ويو آهي، جنهن سبب امتحاني نتيجن ۾ گهڻي حد تائين بهتري آئي هئي ۽ شڪايتون به گهڻي حد تائين گهٽجي ويون هيون.

گهرن ۾ امتحاني پرچا چيڪ ٿيڻ سبب شاگردن جي جوابن کي بهتر انداز ۾ چيڪ ڪرڻ بدران وڌيڪ پيسا ڪمائڻ جي چڪر ۾ استاد تيزيءَ سان پيپرز جي چڪاس ڪن ٿا، جيڪي هن فٽيجز ۾ به آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو، ته هڪ استاد ڪيتري تيزيءَ سان پيپرز چيڪ ڪري رهيو آهي.

انٽربورڊ ڪراچي جي اڳوڻي ڪنٽرولر عمران چشتي گهرن ۾ پيپرز جي چڪاس وارو سلسلو ختم ڪرايو هو، جنهن جي شاگردن جي وارثن پاران به واکان ڪئي وئي هئي.

انٽر جو امتحان ڏيندڙ شاگردن جي وارثن پيپرز جي چڪاس وارو عمل بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه کان انٽر بورڊ ڪراچيءَ جي چيئرمين ۽ وقتي ڪنٽرولر خلاف ڪارروائيءَ جو مطالبو ڪيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*