ڪراچي جي عدالت، ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف داخل درخواست تي پ پ جي ناديا گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڇڏيا آهن

farahnaz isphani and nadia gabol

ڪراچي جي عدالت، ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف داخل درخواست تي پ پ جي ناديا گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڇڏيا آهن، ٻنهي ڄڻين کي پهرين سيپٽمبر تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي جي سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف صوبائي اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

فرح ناز اصفهاني جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته سندس موقل علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر آهي، کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

اليڪشن ڪميشن جي پراسيڪيوٽر دليل ۾ چيو ته جوابدارن پاران دير وارا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، درخواست منظور نه ڪئي وڃي .

عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي درخواست منظور ڪندي چيو ته ناديه گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جي بريت بابت درخواستون رد ٿي چڪيون آهن، ٻنهي ڄڻين کي گرفتار ڪري پهرين سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

عدالت چيو ته ٻنهي ڄڻين تي پهرين سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*