وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سنڌ جي پهرين دوري تي ڪراچي پهتل آهي

pm reached karachi

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سنڌ جي پهرين دوري تي ڪراچي پهتل آهي، دوري دوران وزيراعظم مخلتف اجلاسن جي صدارت ڪرڻ سان گڏ ملاقاتون به ڪندو.

وزيراعظم ڪراچي ۾ پهتو ته وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر محمد زبير ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سندس آجيان ڪئي.

شاهد خاقان عباسي وزيراعظم طور سنڌ جي پهرين دوري تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر به چاڙهي.

شاهدخاقان عباسي پنهنجي وفد سان گڏ گورنر هائوس پهتو.

وزيراعظم گورنر هائوس ۾ سياسي ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻ سان گڏ اجلاسن جي صدارت به ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*