ٽنڊي ڄام لڳ پلاٽ جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾جهيڙي دوران ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Tando-Jam-Map-28417

ٽنڊي ڄام لڳ پلاٽ جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾جهيڙي دوران ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، جهيڙي سبب علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي.

راهوڪي ٿاڻي جي حد  نيو حيدرآباد سٽي ۾ هڪ پلاٽ جي مالڪي تان عالماڻي ۽ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو، هڪ ڌر جي زاهد سومري تڪراري پلاٽ تي بنگلي جي اڏاوت شروع ڪئي، پوليس قبضو ڇڏائڻ پهتي ته ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو،

جهيڙي ۾لٺيون لڳڻ سبب ايس ايڇ او فضل زرداري، اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ملاح، اي ايس آءِ محمد حسن پهنور، سپاهي اڪبر ۽ پلاٽ تي اڏاوتي ڪم ڪرائيندڙ زاهد سومرو زخمي ٿي پيا.

ٽن زخمي اهلڪارن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، ايس ايڇ اوفضل زرداري ۽ زاهد سومري کي سي ايم ايڇ ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، جهيڙي بعد علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*