مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف کي عوام جي دلين مان ڪڍي نه ٿو سگهجي

mariyam oranzaib

مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف کي عوام جي دلين مان ڪڍي نه ٿو سگهجي، پيپلز پارٽي جمهوريت پسند جماعت آهي، هاڻي به جمهوريت لاءِ کيس ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ شهيد بينظير  جي قربانيءَ کي نه وسارڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيو.

اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان 2013 ۾ دهشتگردي سبب سخت متاثر هو، وڏي قربانين کانپوءِ دهشتگردي ڪنٽرول ٿي آهي.

هن چيو ته، نواز شريف دهشتگردي کان پاڪ ملڪ وارو ويزن شروع ڪيو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف جا رهيل ڪم مڪمل ڪندو.

مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف کي عوام جي دلين مان ڪڍي نه ٿو سگهجي، پيپلز پارٽي جمهوريت پسند جماعت آهي، هاڻي به جمهوريت لاءِ کيس ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ شهيد بينظير  جي قربانيءَ کي نه وسارڻ گهرجي.

ن ليگ اڳواڻ مشاهد الله چيو ته اعتراض هئڻ باوجود نواز شريف عدالتي فيصلو قبول ڪري عهدو ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*