ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون تقريبون جاري آهن، جنهن ۾ مختلف طريقن سان وطن سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي

jashny azadi

ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون تقريبون جاري آهن، جنهن ۾ مختلف طريقن سان وطن سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ رينجرز پاران ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ڪرايو ويو، جنهن ۾ رانديگرن پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪيو، ڪامياب ٽيمن ۾ انعام به ورهايا ويا.

ٺٽي جي پرائمري اسڪول پير محمد بروھي ۾ يوم آزادي جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪري وطن عزيز سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.

هنڱورجا  ۾ خانگي اسڪول جي ٻارڙن ريلي ڪڍي، جيڪا شهر جي مختلف رستن چوڪن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، مين پرائمري اسڪول ۾ به جشن آزادي جي تقريب منعقد ڪئي وئي.

ڄام صاحب جي گورمنٽ فقير غلام رسول ھائير سيڪنڊري اسڪول ۽ پرائمري اسڪول کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ٻارڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ڪنڌڪوٽ ۾ تعليم کاتي پاران جشن آزادي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي، ريلي جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار موجود هئا.

ڊيرا غازيخان ۾ به جشن آزادي ڀرپور نموني سان ملهائڻ لاءِ تياريون جاري آهن، گهرن ۽ گهٽين کي قومي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي، اسٽالز تي جهنڊا، جهنڊيون ۽ بيجز وڪرو ڪيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*