نوشهري فيروز ويجهو انٽر جو شاگرد پراسرار نموني گم ٿي ويو، ڳولا باوجود پتو نه پيو، سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي

noshero froze nojawan

نوشهري فيروز ويجهو انٽر جو شاگرد پراسرار نموني گم ٿي ويو، ڳولا باوجود پتو نه پيو، سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

ڳوٺ احمد خان چانڊيو جو رهواسي انٽر جو شاگرد صحبت چانڊيو هڪ ڏينهن اڳ ڪاليج مان واپس موٽندي پراسرار نموني گم ٿي ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته ڳولا باوجود نوجوان جو ڪو به ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي.

 نوجوان جي والد محمد ابراهيم چانڊيو پوليس ٿاڻي ابڙان تي پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

 شاگرد جي والد ٻڌايو ته سندن ڪنهن سابه دشمني ناهي، هن مطالبو ڪيو ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*