دادو ۽ جوهي پوليس مختلف پاڙن ۾ ڪارروائي ڪري جسقم جي 5 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو

johi

دادو ۽ جوهي پوليس مختلف پاڙن ۾ ڪارروائي ڪري جسقم جي 5 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس رات جو دير سان شهر ۾مختلف هنڌن تي ڪاروائي ڪندي قربان کوکر،هارون پنهور، شوڪت باهوٽو، حاجن بروهي ۽خادم باهوٽو کي گرفتار ڪري وئي.

پوليس قاضي محلا ۾ پ پ ڪارڪن الطاف کوسو ۽ باهوٽو محلا ۾ صحافي غلام نبي باهوٽو جي گهر ۾ داخل ٿي سندن غير موجودگي ۾ گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو.

پوليس جي اهڙين ڪارروائين سبب شهر ۾ خوف وارو ماحول آهي، جڏهن ته  گرفتار ٿيلن مٿان ڪو ڪيس داخل ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*