نوابشاهه ۾ڳوٺاڻن زمين مان ڪيلن جو باغ وڍجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

nawabshah

نوابشاهه ۾ڳوٺاڻن زمين مان ڪيلن جو باغ وڍجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جوبدارن سندن لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي، پر پوليس سندن مدد  ڪرڻ لاءِ تيارناهي.

ڳوٺ سارنگ ڏاهري جي رهواسين نعمت الله ڏاهري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته جوابدارن سندن ڪيلن جو باغ وڍي ڇڏيو۽ ٻئي فصل کي پڻ نقصان پهچائي لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي، پر پٻ جو ٿاڻي جي پوليس سندن ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*