ن ليگ اڳواڻ امير مقام چيو آهي ته اڄ ڪلهه سياست ۾ هڪ نئون شيخ چلي نڪتو آهي

ameer muqam

ن ليگ اڳواڻ امير مقام چيو آهي ته اڄ ڪلهه سياست ۾ هڪ نئون شيخ چلي نڪتو آهي،جنهن کي فڪر آهي ته ڪنهن به صورت ۾ وزير اعظم هائوس تائين پهچي.

ڪامونڪي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ امير مقام جو چوڻ هو ته شيخ چلي جي حڪومت ڪي پي کي 50 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڪي پي ۾ تبديلي رڳو سوشل ميڊيا ۽ فيس بڪ جي آئي آهي.

امير مقام جو چوڻ هو ته شيخ چلي کي فڪر آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ پي ايم هائوس ۾ داخل ٿي وڃي، پر عوام ان جو اهو خواب ڪڏهن پورو ٿيڻ نه ڏيندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*