ميان نوازشريف جي عدليه خلاف تقريرن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪندي سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي

Supreme-Lahore-rigistry-28716

ميان نوازشريف جي عدليه خلاف تقريرن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪندي سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي.

شهري محمود اختر پاران سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نوازشريف عدليه خلاف تقريرون ڪري رهيو آهي، هن مختلف تقريرن ۾ عدليه مٿان سازش جو الزام هنيو آهي.

درخواست گذار استدعا ڪئي ڪئي آهي ته نوازشريف جي عدليه مخالف تقريرن تي پابندي لڳائي وڃي ۽ سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*