اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جا مالڪ ڪجهه ماڻهو نه پر 20 ڪروڙ عوام آهي

nawaz shareef mureed ki

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جا مالڪ ڪجهه ماڻهو نه پر 20 ڪروڙ عوام آهي، عوام چونڊي وزيراعظم بڻايو ۽ هنن مون کي ڪڍي ڇڏيو، اها تذليل برداشت نه ڪئي ويندي.

نوازشريف ڪامونڪي ۽ مريد ڪي ۾ جلسن کي خطاب ڪندي چيو ته انقلاب لاءِ تيار ڪارڪن منهنجي پيغام جو انتظار ڪن، 70 سالن کان ملڪ ۾ جيڪا بــُڇڙي راند کيڏي پئي وڃي، اها ختم ٿيڻ گهرجي.

نواز شريف چيو ته سندس نااهلي جو منصوبو اڳ ئي جوڙيو ويو هو، ججن ساڻن انصاف نه ڪيو آهي.

نواز شريف چيو ه کيس پٽ جي ڪمپني مان پگهار نه وٺڻ تي هٽايو ويو، اها به ڪا ڳالهه آهي جنهن تي هڪ وزيراعظم کي نيڪالي ڏني وڃي.

هن چيو ته گذريل 70 سالن کان عوام جي ووٽ جي اهميت کي تباهه ڪيو ويو آهي، اهڙي تذليل هاڻ برداشت نه ڪئي ويندي، هي ملڪ ڪنهن جي جاگير ناهي.

ميان نوازشريف چيو ته اهو فيصلو کيس قبول ناهي، هن فيصلي سان سڄِي دنيا ۾ ملڪ جي بدنامي ٿي آهي.

هن چيو ته هاڻ هن ملڪ کي ڪجهه ماڻهن جي چنبي ۾ رهڻ نه ڏنو ويندو، ڇا اوهان منهنجي پيغام جو انتظار ڪندا؟ اهو جوش ۽ جذبي ان وقت به گهرجي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*