گهوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ضلعي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن جو نوٽيس وٺندي ڊي ايڇ او سکر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

ghotki

گهوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ضلعي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن جو نوٽيس وٺندي ڊي ايڇ او سکر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ضلعي گهوٽڪي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون بند نه ٿيڻ بابت ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز تان خبرون هلڻ بعد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي نوٽيس ورتو.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  ان حوالي سان فوڪل پرسن ڊي ايڇ او سکر کي حڪم ڏنو آهي ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪري عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

واضح رهي ته عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن کي بند ڪرائڻ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ صحت کاتي طرفان ڊي ايڇ او سکر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو هو پر ان جي باوجود پڻ ڪيترن ئي هنڌن تي عطائي ڊاڪٽرن جو ڪلينڪس هلندڙ آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*