اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي سينيٽ چونڊن جي اميدوارن جي اسڪروٽني لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا

اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي سينيٽ چونڊن جي اميدوارن جي اسڪروٽني لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن بعد اميدوارن جا تفصيل ايف بي آر ۽ نيب سميت 11 ادارن ڏانهن موڪليا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن سينيٽ چونڊن ۾ اميدوارن جي اسڪروٽني لاءِ 11 ادارن کي هدايتون جاري ڪيون  ڪيون هيون.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، اهڙي هدايتن بعد فوڪل پرسن مقرر ڪري اليڪشن ڪميشن کي باضاطه طور  آگاهه ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اميدوارن جا تفصيل ايف بي آر، نيب، پي ٽي سي ايل، ايس اين جي پي ايل سميت 11 ادارن کي موڪليا ويا آهن.

سمورا ادارا اميدوارن جي اسڪروٽني بعد اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*