سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

سنڌ جي مختلف شهرن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، گهوٽڪي ويجهو ٻن ٽرالز وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڊرائيور ۽ ڪلينر حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

ٺل ۾ تيز رفتار ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب 4 ورهين جي ٻارڙي فوزيا چانڊيو چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سيٺارجا ويجهو مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب روڊ ڪراس ڪندڙ شاگرد ياسين منگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

گهوٽڪي ويجهو قومي شاهراهه تي ٻن ٽرالز وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڊرائيور ۽ ڪلينر فوت ٿي ويا، فوتين  جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*