اسلام آباد جي عدالت پرويز مشرف خلاف غازي رشيد قتل ڪيس ۾ جوابدار جي وڪيل کي جوابي دليل ڏيڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد جي عدالت، پرويز مشرف خلاف غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ جوابدار جي وڪيلن کي جوابي دليل ڏيڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته جوابدار کي طلب ڪري فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج واجد علي جي عدالت ۾ لال مسجد جي نائب خطيب غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻيءَ دوران پرويز مشرف جي وڪيلن جوابدار کي طلب ڪرڻ ۽ عدالتي اختيارن بابت داخل درخواست تي دليل مڪمل ڪيا.

درخواستگذار جي وڪيل جواب دليل ڏيندي چيو ته پرويز مشرف کي عدالت ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو آهي پر جوابدار پيش ناهي ٿيو، هر ڀيري مختلف بهانا ڪري حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني پئي وڃي.

درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته لال مسجد آپريشن جو ذميوار پرويز مشرف آهي، ان وقت سمورا اختيار اڳوڻي صدر وٽ هئا.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته قانون جي گـــُهرج آهي ته پرويز مشرف کي طلب ڪري مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي.

سرڪاري وڪيل جي دليلن تي جواب داخل ڪرڻ لاءِ مشرف جي وڪيلن پاران مهلت طلب ڪئي وئي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*