اڳوڻو صدر آصف زرداري اڄ دبئي کان لاهور پهچي رهيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ لاهور کي پ پ جي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻايو ويندو

Asif-Ali-Zardari-10916

اڳوڻو صدر آصف زرداري اڄ دبئي کان لاهور پهچي رهيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ لاهور کي پ پ جي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻايو ويندو.

 ذريعن موجب آصف زرداري ڏيهه واپسي تي لاهور ۾ ترسي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو ۽ پارٽي اجلاسن جي صدارت به ڪندو، جن ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويندا.

ذريعن موجب هو ڏينهن ٻن ۾ قصور به ويندو، جتي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ چوڌري منظور جي والده جي وفات تي تعزيت ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري لاهور کي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*