آمريڪي قونصل جنرل ٺٺي جي تاريخي آثارن جي مرمت جو جائزو ورتو

آمريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ ٺٽي جي تاريخي آثارن جي مرمتي ڪم جو جائزو ورتو، سندس چوڻ آهي ته آمريڪا سنڌ جي تاريخي ماڳن جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

آمريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ مڪلي پهچي تاريخي آثارن جي مرمت ۽ بحالي لاءِ آمريڪي فنڊز تحت هلندڙ مرمتي ڪم جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي آمريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ چيو ته مڪلي سميت سنڌ جي مختلف تاريخي آثارن جي حفاظت لاءِ آمريڪا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪرادر ادا ڪندو رهندو.

هن چيو ته مڪلي جي آثارن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ آمريڪي فنڊز تي هلندڙ ڪم تسلي بخش آهي، جلد ٻين ماڳن جو به مرمتي ڪم شروع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*