لاڙڪاڻي ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي مارجي ويو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي مارجي ويو، پوليس موجب ڦورو اسرار انڙ پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي.

باقراڻي پوليس موجب ڳيريلو لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سوار ٽن ڦورن کي اهلڪارن بيهڻ جو اشارو ڪيو ته هٿياربندن پوليس اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.

ايس ايڇ او سجاد ڀٽي چيو ته پوليس اهلڪارن ۽ هٿياربندن ۾ فائرنگ دوران ڦورو اسرار انڙ پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، پسٽل به هٿ ڪيو ويو آهي.

  پوليس مارجي ويل ڦورو جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ چانڊڪا اسپتال کڻائي وئي.

ذريعن موجب پوليس گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن عجيب عرف واسينگ ٻلهڙو ۽ صدام شيخ  جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*