وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي مستقبل لاءِ پوليو جو خاتمو تمام گهڻو ضروري آهي

pm meet polio

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي مستقبل لاءِ پوليو جو خاتمو تمام گهڻو ضروري آهي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروس جي وزير سائره افضل تارڙ ۽ چيئرپرسن عائشه رضا فاروقي پاران وزيراعظم کي پوليو بابت بريفنگ ڏني وئي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاران وزارت جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ جي مستقبل لاءِ پوليو جو خاتمو ضروري آهي.

وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ اپاءُ وٺي رهي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*