ڪندياري ۾ مختلف يوسيز جي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن پ پ ايم اين اي اصغر علي شاهه جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو

khandiyaro

ڪندياري ۾ مختلف يوسيز جي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن پ پ ايم اين اي اصغر علي شاهه جي حمايت ۾  مظاهرو ڪيو.

يونين ڪائونسل سومر چنڙ، يونين ڪائونسل ڪُندر ۽ ٻين يوسيز جي چونڊيل عهديدارن ۽ ڳوٺاڻن شهزادو گوپانگ، نادرچنڙ، فاطمه سولنگي، اختيار رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ايم اين اي اصغر علي شاهه جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي  تي اڳواڻن چيو ته پ پ ايم اين اي سيد اصغر علي شاهه علائقي جي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، پر سياسي مخالف سندس ميڊيا ٽرائيل ڪري رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سيد اصغر علي شاهه جو ميڊيا ٽرائل بند ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*