وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس ٿيو

cm ijlas

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اداري جي ڪارڪردگي بابت آگاهي ڏني وئي.

اجلاس ۾ صحت واري وزير سڪندر منڌرو، ايم پي ايز شهلا رضا، داڪٽر سهراب سرڪي، شميم احمد فرپو، عارف حبيب، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس کي آگاهي ڏيندي اين آءِ سي وي ڊي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر ٻڌايو ته گذريل 30 مهينن ۾ 9 هزار 58 اينجيوپلاسٽي ڪيون ويون، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.

هن ٻڌايو ته گذريل اڍائي سالن ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ سرجري وارن ڪيسز ۾ 84 سيڪڙو ۽ ايمرجنسي ڪيسز ۾ 65 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

ڊاڪٽر نديم قمر ٻڌايو ته 2 سئو ڪارڊيڪ سرجريز هر مهيني ٿين ٿيو، هلندڙ سال 3 هزار سرجريز ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته سرجيڪل آءِ سي يو 20 بسترن کان وڌائي 34 بسترن جو ڪيو ويو آهي ۽ اي سي او جون 11 نيون مشينون خريد ڪيون ويون آهن.

ڊاڪٽر نديم قمر ٻڌايو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ مفت پيس ميڪر لڳائڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو آهي، خانگي اسپتالن ۾ اهو پيس ميڪر هڪ لک 35 هزارن تائين لڳايو وڃي ٿو، جڏهن ته ملير، گلٻائي ۽ ٻين هنڌن تي سيني جي سور جا 4 يونٽس قائم ڪيا ويا  آهن، جتي فوري طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*