سپريم ڪورٽ لاڙڪاڻي جي ليڊيز ڪلب تي لينڊ مافيا جي قبضي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي

سـُپريم ڪورٽ، لاڙڪاڻي جي ليڊيز ڪلب تي لينڊ مافيا جي قبضي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت، ثقافتي ورثو قرار ڏنل سمورين عمارتن جا ڪيس اوپن ڪورٽ ۾ هلائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.

سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار موجب، چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ هڪ اخبار ۾ ڇپيل لاڙڪاڻي جي ليڊيز ڪلب تي لينڊ مافيا جي قبضي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي.

عدالت، لاڙڪاڻي جي ليڊيز ڪلب تي قبضي بابت لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.

عدالت، اهو به حڪم جاري ڪيو آهي ته جيڪي به عمارتون ثقافتي ورثو قرار ڏنيون ويون آهن، ان حوالي سان ڪيسن کي اوپن ڪورٽ ۾ هلايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*