پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزيرن جو اجلاس اڄ شام گهرائي ورتو آهي

Bilawal-Bhutto-24217

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزيرن جو اجلاس اڄ شام گهرائي ورتو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صدر آصف زرداري به اڄ دبئي مان وطن واپس پهچي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري پاران گهرايل صوبائي وزيرن جي اجلاس دوران سياسي صورتحال ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويندو.

ذريعن موجب سنڌ ڪابينا ۾ امڪاني تبديلي جي حوالي سان به بلاول ڀٽو وزيرن کي اعتماد ۾ وٺندو.

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به اڄ وطن واپس موٽي رهيو آهي، جيڪو لاهور ۾ پارٽي سرگرمين ۾ حصو وٺندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*