سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ 23 سئو پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪرڻ وارو واعدو وفا نه ڪيو

Sindh-High-Court-31517

سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ 23 سئو پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪرڻ وارو واعدو وفا نه ڪيو، سنڌ هائيڪورٽ 8 ضلعن ۾ پبلڪ ٽوائلٽس نه هجڻ بابت سنڌ حڪومت کان 12 سيپٽمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ گذريل 8 سالن کان پبلڪ ٽوائلٽس جي تعمير جي حوالي سان درخواست جي ٻڌڻي هلي رهي آهي، جنهن دوران سنڌ سرڪار ڪراچي شهر ۾ 23 سئو پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر اهو 8 سال گذرڻ کانپوءِ به وفا نه ٿي سگهيو آهي.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ آغا سيد عطاءُ الله جو موقف هو ته ڪراچي ويسٽ، دادو، گهوٽڪي، ناوبشاهه، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ ڪراچي ڏکڻ سميت 8 ضلعن ۾ پبلڪ ٽوائلٽس آهن ئي ڪونه.

هن چيو ته ليڊيز ٽوائليٽ ۽ چيئر ٽوائليٽس جو ته وجود ئي نه آهي، ڪراچي ۾ 78 پارڪ، 182 قبرستان، 35 وڏا شاپنگ مالز، 42 مرڪزي شاهراهون، 970 ننڍا وڏا چوڪ ۽ اڍائي سئو اسٽاپ ۽ ٻيا عوامي هنڌ آهن پر ڪٿي به پبلڪ ٽوائلٽس جو بهتر انتظام نه آهي.

دليل ٻڌڻ بعد سنڌ هائيڪورٽ صوبائي حڪومت کان سنڌ جي 8 ضلعن ۾ پبلڪ ٽوائلٽس نه هجڻ بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*