عملي سگهه ناهي، تڏهن سڌارو ناهي

عملي سگهه ناهي ، تڏهن سڌارو ناهي

ارم گل

اڄ جي دور کي  جديد دور چيو وڃي ٿو چون ٿا سائنس ترقي ڪئي آهي ۽ زندگي جي هر آسائش لا جاکوڙ ڪئي آهي

 مشينون ايتري قدر اسان جي زندگي لا ضروري ٿي پيون آهن جو هڪ انسان ٻي انسان کان وڌيڪ مشين تي ڀروسو ڪري ٿو ۽ انهن کي ئي وڌيڪ اهميت ڏي ٿو، جيڪڏهن اهڙي رفتار سان ترقي ٿيندي رهي ته هن دنيا ۾ مشينون ئي رهجي وينديون انسان نه ، اڄڪله مشينون پيدا ڪندڙ انسان ئي انهن مشينن جو شڪار پيا بڻجن ۽ ڏينهون ڏينهن انساني زندگين کي هڪ گولي ، بم ڌماڪو ، چاقو  وغيره جي ور چاڙهي سيڪنڊن جي اندر خاڪ پيا  ڪن .

هاڻي سوال اهو آهي ته هن قسم جي براين جو ذميوار  ڪيرآهي؟ گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کانپو سماج ۾ ٿيندڙ انهن  براين  جو زميوار پاڻ کي ئي سمجهيم، ها، هن سماج ۾ رهندڙ هڪ شهري هئڻ جي ناتي سماج ۾ ٿيندڙ نا انصافي .اڻ برابري انتها پسندي ، قبيلائي جهيڙا ، بيروزگاري ، مهنگائي ، ڦرلٺ ، ڪاروڪاري ، وڏيراڻو ڏاڍ ،  جهيڙا  گناهه، پهنجي اکين سان ڏسي رهي آهيان ، ٻڌي رهي آهيان ۽ محسوس به ڪري رهي آهيان پر تڏهن به  خاموش آهيان .اهڙي ظلم ڏاڍ کي سماجي مسئلو قرار ڏئي 15 منٽن جون خبرون ٻڌي 10 منٽ افسوس ڪري  ۽ چينل بدلائي ناچ گانو ڏسي پهنجو دل بهلائي ڇڏيون ٿا .

هڪ شاگرد  جيڪو ينورسٽي ۾ پڙهڻ لا  وچي ٿو ان کي خوف ، ٽينشن ، بي وقت جي  موت ملي ٿي ، سياسي قوتون ٻولي ذات پات جي نالي تي شهرين کي پاڻ ۾ وڙهائي غريب عوام کي موت جي گهاٽ پهچائين ٿيون ، هزارين گهر مايوسي بيوسي،لاچاري جي ڪري پنهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀريندي زندگي جو سفر طئي ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿيون ،تڏهن به اسان علمدان خاموش آهيون ، انساني کل پائيندڙ هنن جانورن جي سماج ۾ هڪ انسان ٻي انسان کي ائين ٿو ڪسي جيئن ڪسائي جانورن کي.

هن قسم جي گناهن  ۾ گهڻي مقدار نوجوانن جي آ هي . ڇاڪاڻ ته نوجوان جذباتي هجڻ جي  سبب قلم بدران هٿيار کڻن ٿا. جڏهن ته ڪجهه نوجوانن کي  پئسن جي لالچ ڏئي ورغلايو وڃي ٿو ۽  ڪجهه وري پهنجي انا، غيرت ۽ عهدن کي برقرار رکڻ لا اهڙي قسم جي گناهن ۾ شامل ٿي انسانيت جو قتل ڪن ٿا.

مان جيڪڏهن هڪ عام شهري جي سوچ بيان ڪيان ته اڄ اسان سڀ شهري ان وقت جو پيا انتظار ڪريون ته ڪڏهن اهڙي حڪومت ايندي يا ڪي آسماني فرشتا ڌرتي تي ايندا ۽ هن نظام کي تبديل ڪري خوشحالي آڻيندا.پر اها  ٿي وئي هڪ تصوراتي سوچ . جيڪڏهن حقيقي طور سوچيو وڃي ته ، مان ۽ مون جهڙا انيڪ شعور رکندڙ شهري پهنجي خاموشي کي ختم ڪري رياست ۽ سياسي توڙي سماجي اڳواڻن کي پنهنجن   مسئلن بابت آگاه ڪريون ۽ انهن جا حل پڇون، ۽ ٻين جي مسئلن کي پهنجو مسئلو سمجهون ، ٻين جي تڪليف کي پهنجي تڪليف سمجهون،پهنجي بنيادي حقن بابت سوال ڪريون ۽ هڪ آواز بڻجي پاڻ کي اڀاريون ته ملندو براين جو خاتمو..

جيڪڏهن اسين پاڻ کي انسان سمجهون ٿا ته انسان جو پهريون حق آهي آزادي سان سوچڻ ۽ سوچڻ کان پوءِ  ذهن ۾ اڀرندڙ سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ ، جيڪڏهن مان تعليم جو صحيح مفهوم بيان ڪيان ته علم ڪنهن جي ملڪيت ناهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ  اسين ڪنهن جي غلامي ڪريون يا ڏاڍ برداشت ڪريون علم جو ڳانڍاپو روح سان آهي جنهن جو اثر سڌو دل دماغ  ۽  ذهن تي پوي ٿو . ان ڪري جڏهن اسان جا ذهن اجاگر ٿيندا ۽  شعور پيدا ٿيندو تڏهن ئي اسان عملي قدم وڌائي سگهنداسين باقي اهڙو علم جيڪو اسان کي ڪوڙا واعدا ڪرڻ  ، قتل و غارت ڪرڻ  ، تضاد ڦهلائڻ سيکاري ، پهنجي مفادن جي ڪري انسانيت جو قتل ڪرڻ سيکاري ، عورت کان ان جي شخصي آزادي کسي ڪاري جي الزام تحت  زندا ساڙڻ سيکاريو وڃي ، ينورسٽين ۾ تعليم بدران خوف جا قسم ٻڌايا ۽ سيکاريا وڃن ت ڪيئن پيدا ٿيندي عملي سگهه

اهو ئي سبب آهي  جو منهنجي روحاني علم مونکي احساس ڪرايو ته  آئون هن سماج جو اهڙو فرد آهيان جيڪا ساهه ته کڻان پئي پر زندهه ناهيان.

Comments

  1. Musawir Ali Mangi
    Musawir Ali Mangi 10 August, 2015, 04:31

    Very nice and highly knowledge colums

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*