نوشڪي جي خاران روڊ تي پل ويجهو ڌماڪو، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو

نوشڪي جي خاران روڊ تي هڪ پل ويجهو چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جسٽس نور محمد مسڪان زئي جي قافلي ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن ڪري سڪيورٽي فورسز جي هڪ گاڏي کي نقصان پهتو آهي.

نوشڪي ويجهو چيف جسٽس جو قافلو خاران روڊ جي هڪ پل ٽپي رهيو هو ته ان ۾ نصب بم ڦاٽي پيو.

بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ چيف جسٽس جي قافلي ۾ شامل سڪيورٽي فورسز جي هڪ گاڏي کي نقصان رَسيو.

حملي ۾ چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جسٽس نور محمد مسڪان زئي محفوظ رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*