اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته نوازشريف سان رابطو ئي نه ٿا رکڻ چاهيون ته پوءِ ڊائلاگ ڇاجو؟نوازشريف اقتدار ۾ هوندو آهي ته سندس ترجيح ٻي ۽ مصبيت ۾ هوندو آهي ته ٻي ٿي ويندي آهي

zardari

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته نوازشريف سان رابطو ئي نه ٿا رکڻ چاهيون ته پوءِ ڊائلاگ ڇاجو؟نوازشريف اقتدار ۾ هوندو آهي ته سندس ترجيح ٻي ۽ مصبيت ۾ هوندو آهي ته ٻي ٿي ويندي آهي،، هاڻ نوازشريف سان ڳالهيون نه ٿينديون.

اڳوڻي صدر آصف زرداري لاهور جي بلاول هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پارٽي معاملن سميت ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته هن وقت جمهوريت نه آهي ۽ نوازشريف کي خطرو آهي، کيس اقتدار ۾ هوندي 62/63، گرينڊ نيشنل ڊائيلاگ ۽ نيا عمراني معاهده ڇو ياد نه آيو؟هاڻ نوازشريف سان ڪو به رابطو نٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته چنيوٽ جو ڪامياب جلسو سڀني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي، بلاول ميدان تي اچي چڪو آهي، جنهن سان پارٽي جي عوام ۾ مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آهي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته هاڻ نوازشريف سان ڪي به ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*