ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شهرين ايس ايڇ او کي هٽائڻ جي گهر ڪندي شٽربند هڙتال جو چتاءُ ڏنو آهي

kandiyaro

ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شهرين ايس ايڇ او کي هٽائڻ جي گهر ڪندي شٽربند هڙتال جو چتاءُ ڏنو آهي.

شهر ۾ چوري جي وارداتن ۾ واڌ ۽  مراد علي شاهه شاپنگ سينٽر ۾ موبائيل فون جي جي دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جون سامان چوري ٿيڻ خلاف شھري اتحاد ۽ دڪاندارن پاران احتجاج ڪيو ويو.

مظاهرين الطاف شاهه صدام شاهه واجد پرويز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته شھر ۾ بدامني وڌي وئي آھي، پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آھي.

هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او کي هٽايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ شٽربند ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*