دادو جي ڳوٺ خيرو پنهور جي گرلس اسڪول جي ٻڌڻي دوران سيشن جج دادو اي ڊي او فيميل ۽ ميل في ميل جي ٽي اوز کي ڇنڊ پٽيندي جيل اماڻڻ جو چتاءُ ڏنو

Dadu Sindh

دادو جي ڳوٺ خيرو پنهور  جي گرلس اسڪول جي ٻڌڻي دوران سيشن جج دادو اي ڊي او فيميل ۽ ميل في ميل جي ٽي اوز کي ڇنڊ پٽيندي جيل اماڻڻ جو چتاءُ ڏنو، سندن معافي گهرڻ بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو اشوڪ ڪمار اسڪول ۾ مال ٻڌل هئڻ واري معاملي جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،  ڊي اوز پرائمري، سيڪنڊري، ٽي اوز پرائمري ميل ۽ فيميل پيش ٿيا.

سيشن جج جي پڇاڻي تي تعليم کاتي جي عملدارن چيو ته کين ڄاڻ نه هئي ته اسڪول ۾ مال ٻڌل آھي جنهن تي جج کين سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان ڪوئي توهان جي گهر تي ڪير قبضو ڪري ته اوهان خاموش هجو ها؟

عدالت چيو ته ڇو نه اوهان کي جيل اماڻيو وڃي جنهن تي تعليم جي  عملدارن عدالت کان معافي ورتي ته مهلت ڏيو مال ٻڌندڙن ۽ ٻين ذميوارن خلاف قانوني ڪارروئي ڪئي ويندي.

عدالت چئني عملدارن کي معافي ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*