ھندو برادري ديوتا ڪرشن ڀڳوان جي جنم ڏڻ جي موقعي تي مذهبي تهوار جنم اشٽمي ملهايو، هندو برادري گهرن ۽ مندرن ۾ خاص پوڄا پاٺ ڪري خوشيون ملهايون

samaro hindo tehwar

ھندو برادري ديوتا ڪرشن ڀڳوان جي جنم ڏڻ جي موقعي تي مذهبي تهوار جنم اشٽمي ملهايو، هندو برادري گهرن ۽ مندرن ۾ خاص پوڄا پاٺ ڪري خوشيون ملهايون.

 هندو برادري پنهنجو شري ڪرشن ڀڳوان جي جنم ڏينهن کي  جنم اشٽمي طور ملهائيندي آھي، ساماري ۾ سڀ کان وڏي تقريب تاريخي شري شوگر سوامي مڙھي ۾ ٿي.  جنهن ۾ عورتن مردن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

ان موقعي تي خاص پوڄا پاٽ ڪئي وئي، جڏھن عمرڪوٽ مان آيل ٻالڪ سنگت ڪرشنا جي جنم ۽ ٻالڪپڻ تي ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو.

تقريب ۾ نوجوانن پاران مٽڪي ٽوڙي مکڻ کائڻ واري رسم ادا ڪئي ۽ خوشي ۾ جهمريون هنيون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*