سکر ۾ شيعا رابطا ڪائونسل پاران ايراني سرحد وٽ ڦاٿل زائرين کي واپس ڪرڻ لاءِ سهولتون نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

sukkur shia

سکر ۾ شيعا رابطا ڪائونسل پاران ايراني سرحد وٽ ڦاٿل زائرين کي واپس ڪرڻ لاءِ سهولتون نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

علامه علي بخش سجادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته عراق ۽ ايران مان زيارتون ڪري واپس ملڪ ايندڙ سوين زائرين کي سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي پاڪ- ايران بارڊر وٽ روڪيو  ويو آهي.

هنن چيو ته بارڊر وٽ سهولتون نه ملڻ ڪري زائرين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زائرين جي ڪوئيٽا واپسي لاءِ جلد انتظام ڪري کين بنيادي سهولتون فراهم ڪيو وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*