سکر ريجن ۾ ڪاليجن جي برطرف ٿيل ننڍن ملازمن پاران بحالي لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي

sukkur bukh hartal

سکر ريجن ۾ ڪاليجن جي برطرف ٿيل ننڍن ملازمن پاران بحالي لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي.

صفدر شاهه ۽ گلشن سومرو جي اڳواڻي ۾ ملازمن پريس ڪلب آڏو 26 ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڊائريڪٽر ڪاليجز ملازمن کي بيگناهه برطرف ڪيو آهي، اسان کي 2011 ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو هو.

هنن چيو ته 5 سال مسلسل ڊيوٽيون ڪرڻ باوجود ڊائريڪٽر بيگناهه سان کي نوڪرين مان برطرف ڪيو آهي.

هنن چيو ته جيسيتائين کين نوڪرين تي بحال نٿو ڪيو وڃي، تيستائين  بک هڙتال جاري رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*