قاف ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين ڪراچي پهتل آهي، چوڌري شجاعت چيو آهي ته متحده مسلم ليگ وقت جي ضرورت آهي

chodhry shujat khi

قاف ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين ڪراچي پهتل آهي، چوڌري شجاعت چيو آهي ته متحده مسلم ليگ وقت جي ضرورت آهي، اتحاد جي رستي ۾ ليگي ئي رنڊڪ بڻيل آهن.

چوڌري شجاعت حسين ليگي ڌڙن ۾ اتحاد لاءِ ٻيهر سرگرم ٿي ويو آهي، ڪراچي ۾ هو اڄ پير پاڳاري ۽ غوث علي شاهه سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي.

ڪراچي ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري شجاعت چيو ته سياسي اتحاد ٺهندا ۽ ڊهندا رهندا آهن، ڪوشش آهي ته سمورا ليگي ڌڙا متحد ٿي وڃن.

هن چيو ته سياسي حالتون خراب آهن، متحده مسلم ليگ وارو مقصد پورو ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پر ليگي ئي ان رستي ۾ رنڊڪ بڻيل آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري شجاعت چيو ته پرويز مشرف سان اتحاد لاءِ ڪو رابطو نه ٿيو آهي.

ق ليگ سربراهه چيو ته  نوازشريف جي ريلي ته ڪڍي پر اها ايڏي وڏي ريلي نه هئي، نوازشريف جن سازشن جو ذڪر ڪري ٿو، قوم کي ان بابت آگاهه ڪري………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*