لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙي چانڊڪا اسپتال جو دورو ڪري مريضن کان حال احوال ورتا

larkana judge hospital

لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙي چانڊڪا اسپتال جو دورو ڪري مريضن کان حال احوال ورتا، سي ٽي اسڪين مشين خراب هجڻ تي جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙي چانڊڪا اسپتال جي حادثن، اکين، دل ۽ هڏن جي شعبن جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو.

 جج جي دوري دوران مريضن سي ٽي اسڪين مشين خراب هجڻ بابت شڪايتون ڪيون، جنهن تي جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جج انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي سڀئي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*