هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻي پاران صحافي ولي بابر قتل ڪيس ۾ جوابدار فيصل موٽا کي غير موجودگي ۾ مليل موت جي سزا ڪالعدم قرار ڇڏيو

Sindh-High-Court-17117

هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻي پاران صحافي ولي بابر قتل ڪيس ۾ جوابدار فيصل موٽا کي غير موجودگي ۾ مليل موت جي سزا ڪالعدم قرار ڇڏيو، عدالت اي ٽي سي ڪنڌڪوٽ کي جوابدار کي ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جوابدار فيصل موٽا جي وڪيل عامر منصوب پٽيشن ۾موقف اختيار ڪيو هو ته ڪنڌڪوٽ جي اي ٽي سي صحافي ولي بابر قتل ڪيس ۾ جوابدار کي ٻڌڻ بغير  کيس موت جي سزا ڏني آهي.

وڪيل عامر دليلن ۾ چيو ته اي ٽي سي کي حڪم ڪيو وڃي ته جوابدار کي ٻڌڻ بعد ڪيس جو فيصلو ڪيو وڃي.

عدالت وڪيل جي دليلن بعد اي ٽي سي ڪنڌڪوٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي جوابدار کي ٻڌڻ بعد فيصلو ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واضع رهي ته صحافي ولي بابر کي جنوري 2013 تي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*