نوازشريف جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ اين اي 120 تي ننڍي چونڊ لاءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي

Election-240-Pp-18816نوازشريف جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ اين اي 120 تي ننڍي چونڊ لاءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، تحريڪ انصاف جي اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري ڪلثوم نواز کي اڄ اليڪشن ڪميشن طلب ڪيو هو، ڪلثوم نواز  طبي معائني لاءِ لنڊن رواني ٿي وئي.

اليڪشن ڪميشن 21 آگسٽ تي ڪاغذن جي منظور يا رد ڪرڻ بابت اپيلن کي ٻڌندي جڏهن ته 25 آگسٽ تي اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا.

اين اي 120 تي حتمي اميدوارن جي فهرست 26 آگسٽ تي جاري ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ڪلثوم نواز پنهنجي ڪاغذن ۾ اقامي جو ذڪر ناهي ڪيو ۽ نه ئي پگهار جا تفصيل ٻڌايا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*