ماضي جي حڪومتن عوام جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڏيڍ سال ۾ عوام جون اميدون پوريون ناهن ٿيون، حڪومت دعوائن ۽ مخالف ڌر الزامن تائين محدود بڻجي ويون آهن، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

راولپنڊي ۾ ويسٽ مئنيجمينٽ سسٽم جي شروعات بابت تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته پاڪستان جبل جيڏن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، عوام ڪوڙا نعرا لڳائيندڙن ۽ وفاداريون تبديل ڪندڙن کي سڃاڻي.

هن چيو ته ماضي جي حڪومتن عوام جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو، موجوده ڏيڍ سال ۾ عوام جون اميدون پوريون ناهن ٿيون.

چوڌري نثار چيو ته حڪومت دعوائن ۽ مخالف ڌر رڳو الزامن تائين محدود آهي، عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جنهن لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر اڃا به قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته تيل اگهن ۾ لاٿ ڪري عوام کي رليف پهچايو، ماضي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايتري گهٽتائي جو مثال نٿو ملي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*