پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقي ۽ خوشحالي سندس مشن آهي

Shahbaz-SharifMNA-Awais-Laghari

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقي ۽ خوشحالي سندس مشن آهي، عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي پروگرامن جي هو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان وفاقي وزير اويس لغاري جي ملاقات ڪئي، جنهن دوران  ڏکڻ پنجاب ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته ڏکڻ پنجاب جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي سندس مشن آهي.

هن چيو ته هو پاڻ ڏکڻ پنجاب ۾ هلندڙ منصوبن تي اڳڀرائي جي نگراني ڪري رهيو آهي.

شهبازشريف چيو ته ڪيترائي فلاحي منصوبن ۽ ترقياتي پروگرامن تي ڪم جاري آهي.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ ميگاپروجيڪٽس  تي تيز رفتاري سان مڪمل ڪيا ويا آهن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*